دنيا جا عجوبا

دنيا جا عجوبا

دنيا جا عجوبا

دنيا جا عجوبا (ڪتاب): ’دنيا جا عجوبا‘ ڪتاب جو مـرتـب ۽ محـقـق خـيـر محـمـد لـغـاري آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2009ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ شايع ڪرايو آهي. هن ڪتاب ۾ دنيا جي مشهور عجوبن جو احوال تصويرن سميت شامل ڪيو ويو آهي، جن جي پنهنجي اهميت آهي، انهن ۾ ڪعبته الله کان پوءِ ستن قديم عجوبن کي شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ مصر جا اهرام وغيره شامل آهن. جڏهن ته باقي ڇهه عجوبا پنهنجو وجود وڃائي ويٺا آهن، ان ڪري انهن جون تصويرون خيالي ڏنيون ويون آهن. هن ڪتاب ۾ عجوبن جي ترتيب کنڊن مطابق ڏيکاري وئي آهي. هي ڊبل ڪرائون ڪتاب 137 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ڪتاب جو مُلهه 150 روپيا آهي.


لفظ دنيا جا عجوباھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو